Post has attachment
AoA
Photo

Post has attachment
Photo

Post has attachment
جسين عشق نچدا ناهين
تسين عشق مچدا ناهين
(غمدل جکرو)
Photo

Post has attachment
وڇوڙو وڏي ڳالھ ناهي
وسارڻ وڏي ڳالھ آهي
(غمدل جکرو)
Photo

Post has attachment
مند مٽي
ننڊ ڦٽي

سرهاڻ ساريالي فصل جي
رات چانڊوڪي سڄي
چادرون چمندي رهي

کٽ جي پاون مٿان
ماڪ پوندي رهي
رات روئندي رهي
رات روئندي رهي
(غمدل جکرو)
Photo

Post has attachment
مخلصي مفلسيءَ جو سبب ٿي پئي
دوستي دشمنيءَ جو سبب ٿي پئي
(غمدل جکرو)
Photo

Post has attachment
اڃان بالغ نٿي
صنف نازڪ دل
پنجاھ تي پهتي
(غمدل جکرو)
Photo

Post has attachment
چوري چوري حال ڪر زمانو ڪَنُ ڪيون بيٺو آ
پنهنجو ڪجھ خيال ڪر زمانو ڪَنُ ڪيون بيٺو آ

آهيون امتحان جا ڪچا ڪر نه اسان کان پڇا
حل پنهنجو خد سوال ڪر زمانو ڪَنُ ڪيون بيٺو آ

اسان جون عادتون پرين صفا جهڙيون زماني جون
ڪندو منهنجو نه خيال ڪر زمانو ڪُن ڪيون بيٺو آ


ڪرين جو نينهن نينهن پيو ان کي مان سڃاڻان ٿو
هڻندو نه ان ۾ حوال ڪر زمانو ڪَنُ ڪيون بيٺو آ

چوين ٿو ديوتا غمدل ڪرين ٿو هجتون ڪيئي
قائم ته اهڙو نه مثال ڪر زمانو ڪَن ڪيو بيٺو آ
(غمدل جکرو)
Photo

Post has attachment
شاعريءَ جو ترو آهي لڳي ويو
ڊائريءَ جو پاسو آهي سيڪجي ويو

لفظ ٻوٽا ڪين ٿا ٻاري سگهن جو
ڄڀ جو پاڻي پورو آهي سيڪجي ويو

چنڊ تو تي ناز مان ڪهڙو ڪيان
تنهنجو به چهرو آهي سيڪجي ويو

درد صحرا جو سلي ٿوهر ٿو پيو
ڪرڙ ۽ ڪانڊيرو آهي سيڪجي ويو

قربتن جو تلڪ به ناهي بچو ڪو
محبتن جو ڇانورو آهي سيڪجي ويو
*
زندگي خواب باقي ٿو جيئان غمدل اڃان
باقي جيون سارو آهي سيڪجي ويو
(غمدل جکرو)
Photo

Post has attachment
اوهان جا ناز کڻداسين
رکو پنهنجي غلامن ۾

پيو ڦٿڪان ٿو فالن ۾
وٽيان بيٺو اميدون ٿو
اچڻ جو آسرو تنهنجو
رکيو آهي نگاهن ۾

وجھي ٿي پاڻ ۾ وچڙا
ڏسان ٿو ڏيھ جي ڏائڻ
اسان کي آ وڏو الڪو
اوهان آهيو خمارن ۾

اڪيلو مان جڏهن ٿيندس
اوهان کي پيو سنڀاليندس
وٺي تحفہ گلابن جا
رکيا تو ها ڪتابن ۾

آهيون آداب ۾ غمدل
اچو محلات کان ٻاهر
ڪيو آزاد نظرون کي
پايو جھاتي جھوپن ۾
(غمدل جکرو)
Photo
Wait while more posts are being loaded