Profile cover photo
Profile photo
keenjhar mirani
23 followers
23 followers
About
Posts

آرٽيڪل:
ڪينجهر ميراڻي
<
“هي وقت وري نہ ورڻو آ!!! ڪجھ ڪرڻو آ ڪجھ ڪرڻو آ“
وقت هڪ بهترين استاد آھي جيڪو اسان کي اھي شيون سيکاريندو آهي جيڪي شايد اسين ڪنهن ڪلاس اندر يا وري ڪنهن استاد کان بہ نٿا سکي سگهئون، وقت جو سهي استعمال توهانکي فرش کان عرش تائين پهچائي سگهي ٿو پر ساڳي ريت توهانکي هيٺ ڪيرائي بہ سگهي ٿو،
اسين هميشھ اڄ جو ڪم سڀاڻي جي آسري ٽاري ڇڏيندا آهيون پر دراسل هر وقت جو هڪ سهي وقت مقرر هوندو آھي اسان هميشھ ڏکئي وقت کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آھيون پر اصل ۾ اهو وقت اسان لاء تمام وڏا امتحان کڻي ايندو آھي جنهن ۾ اسان تمام سبق لڪيل هوندا آھن شايد اسين اهو هرگز نٿا ڄاڻي سگهون تہ وقت جيڪو اڄ آھي اهو سڀاڻي نہ هوندو شايد هي زندگي جيڪا هڪ مخصوص وقت لاء مليل آهي اها ڪڏهن ٻيهر ناهي ملڻي جيڪو ڪجھ ڪرڻو آهي اهو اڄ هن وقت ئي ڪرڻو آھي اڄ ئي هن وقت ئي ڪرڻو آهي.
وقت تہ بادشاه آھي اهو ايندو تہ سڀني لاء آھي پر انتظار ڪنهن جو بہ نہ ڪندو آھي اهو وقت ئي آھي جيڪو اسانکي هن سماج جي ماڻھن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ جي سکيا ڏئي ٿو، وقت جي اها بهترين ڳاله آھي تہ جهڙو بہ آھي برو يا ڀلو بس گذرندو رهندو پر اهو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو تہ اسان ڇا ڪيو آهي؟ ڇا اسين هن وقت کي گذاريو آھي يا وري وقت اسان کي!
وقت وري نہ ورڻو آ !!!
هن وقت اسانکي غور و فڪر ان ڳالھ تي ڪرڻ گهرجي تہ اسان مان جنهن جي جيتري بہ عمر هجي اسين ڇا ڪيو آھي؟
نہ صرف پنهنجي لاء بلڪ پنهنجي پويرن جي لاء بہ چاهي توهان شاگرد هجو استاد هجو والدين يا وري ڪنهن بہ شعبي سان لاڳاپيل هجو اسين پنهنجي حصي جي ذميواري ڪيئن نڀائي آھي اگر اوهان شاگرد آھيو تہ هن سنڌ لاء ڪجھ ڪيو ائين ڪرڻ جي ضرورت آھي ڪجھ اهڙو جهڙو اسان لاء اسان کان اڳ وارا نہ ڪري ويا آھن، هن سنڌ کي اوهان جي احتجاجن بائيڪاٽن يا وري تماشن جي ضرورت نہ پر هن سنڌ جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي هڪ پڙھيل لکيل هلائيندڙن جي ضرورت آھي، هن سنڌ کي علم ۽ قلم جي ضرورت آھي اهو قلم جيڪو لطيف جي شاعري ۾ آھي اهو علم جيڪو اياز جي لفظن تي مشتمل آھي ان جذبي جي ضرورت آھي جيڪو جي-ايم سيد جي زندگي مان مليو آھي ۽ جيڪڏهن اوهان استاد آھيو تہ خدارا قوم تي رحم ڀريل اکين سان نهاريو خدارا هن قوم جي انهن معصوم گلڙن جهڙن ٻچڙن کي علم جي ٽي اک سان نوازي انهن جي زندگي جو ڏيئو روشن ڪيو اي استادو اوهين هن قوم جو اهو اثاثو آھيو جنهن تي لکين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا هن سنڌ کي اوهان جهڙن ليڊرن جي ضرورت آھي خدارا هن ٻيڙي کي ٻڏڻ کان بچايو
هي وقت وري نہ ورڻو آ اوهان کي ڪجھ ڪرڻو آ ڪجھ ڪرڻو آ
Add a comment...

Post has attachment
My first Article
Photo
Add a comment...

Post has attachment
Add a comment...

Post has attachment
I'm student of B.ed (hons) 4 years can I also apply ....I'm frm larkana
Add a comment...

Post has attachment
Add a comment...

Post has attachment
Add a comment...

Post has attachment
Add a comment...

Post has attachment
Add a comment...

Post has attachment
Add a comment...

Post has attachment
Wait while more posts are being loaded