Profile cover photo
Profile photo
Sindhi Language Authority (سنڌي لينگويج اٿارٽي)‎
89 followers
89 followers
About
Posts

Post has attachment
حاضر آهي آن لائين سنڌي (عربي ۽ ديوناگري) کان انگريزيءَ. انگريزيءَ کان سنڌي ۽ جامع سنڌي لغات جو پورٽل، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ڇهه لک لفظن جو ابت سبت ۾ خزانو موجود آهي.
هي پورٽل جديد ترين ”بوٽ اسٽراپ“ فريم ورڪ تي ٺهيل آهي جنهن جي ڪري اوهان ننڍي اسڪرين تي به اوترو ئي ترت کولي سگھو ٿا.
هي ابتدائي مرحلي مان نڪري هاڻي ايڊوانس ورحلي ۾ وڃي ٿو. جنهن ۾ ظاهري ڏيک ۽ ڳجھي پروگرامنگ تي ڪم اڃان هلي ٿو.
اوهان استعمال ڪري ڏسي پنهنجي راءِ کان آگاه ڪندا.
هن پورٽل ۾ يارنهن ڊڪشنريون موجود آهن ۽ لفظن جي استعمال تائين ايڏو وڏو ڊيٽابيس صرف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ئي پيش ڪري رهي آهي.
هن لنڪ کي پنهنجي پروفائلن تي به ونڊيندا ته وڌ کان وڌ سنڌي دوست هن مان فائدو وٺي سگھن.
Add a comment...

Post has attachment
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران تاريخ 7 اگسٽ، 2015 جمع جي ڏينهن شام جو ستين وڳي ڳوٺ صابو راهو تعلقي سڪرنڊ ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ سگھڙ ڪچهري رٿي وئي، ڪچهريءَ ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمئن جناب سرفراز راڄڙ خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيو، ڪنوينر محترم تاج جويو هئو. ڪچهريءَ ۾ ضلعي جي ناليوارن سگھڙن شريڪ ٿي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
PhotoPhotoPhotoPhotoPhoto
2015-08-09
33 Photos - View album
Add a comment...

سڀني سڄڻن کي هن پڌرائيءَ جي ذريعي آگاه ڪجي ٿو ته 10 آگسٽ 2014 سومر ڏهاڙي کان آفيس جي کلڻ جو وقت صبح جو نوَ وڳي ۽ بند ٿيڻ جو وقت شام جو پنج وڳي ڪيو ويو آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
سنڌي ٻوليءَ جو محافظ ادارو
Add a comment...

Post has attachment
سنڌي ڪمپيوٽنگ پيش ڪري ٿي دفتري لغت جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن.
ضرور انسٽال ڪريو
Add a comment...

Post has attachment
حاضر آهي اينڊرائيڊ اپليڪيشن ”ڦلواڙي.“
جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا، چوڻيون، لوڪ ڏاهپ جا گفتا موجود آهن.
اسان سمجھون ٿا ته هي املهه خزانو آهي جنهن کي وڌ کان وڌ وراهيو ۽ ته جيئن سڀئي سنڌي سمجھي سگھن ته اسان جي لوڪ ڏاهپ ۾ ڪهڙا ته هيرا جواهر موجود آهن.
هڪ بهترين اپليڪيشن.
اوهان جي سهڻين صلاحن جي منتظر
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
Add a comment...

Post has attachment
حاضر آهي ڊاڪٽر عاشق حسين بدويءَ جي ترتيب ڏنل ”سنڌي کان سنڌي کان انگريزي“ جي ميڊيڪل ڊڪشنري، اينڊرائيڊ اپليڪيشن ۾.
هن ڊڪشنريءَ جي بي انتها ڀلي ڳاله اها آهي ته هن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا تُز لفظ، اصطلاح ۽ عام طور تي اچار ۾ ايندڙ لفظن کي سامهون ڪيو ويو آهي، ته جيئن هن ڊڪشنريءَ ۾ نه صرف ڊاڪٽر، علم طب جا شاگرد، نرسون يا هن شعبي سان لاڳاپيل ئي فائدو وٺي سگھن پر هر ماڻهو به سمجھي سگھي ته هن ڪيفيت يا لفظ کي انگريزيءَ ۾ ڇا چئبو آهي...
تمام جلد هن ئي سلسلي ۾ وري انگريزيءَ کان سنڌيءَ جي ڊڪشنري به رکي ويندي.
ساٿ سلامت...
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين تقاضائن سان گڏوگڏ شانائتي نموني سان بيهارڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف
Add a comment...

Post has attachment
حاضر آهي ماس ڪميونيڪيشن جي شاگردن لاءِ اينڊرائيڊ جي اپليڪيشن
پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي لغت
جيڪا نه صرف شاگردن لاءِ بهترين تحفو آهي پر هن اپليڪيشن مان اخباري دنيا جا ماڻهو، ۽ پڻ هن شعبي سان لاڳاپيل دوست ڪافي فائدو وٺي سگھندا.
Add a comment...

Post has attachment
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي اوهان سڀني جي اينڊرائيڊ سيٽن لاءِ ستين ڊڪشنري پيش ڪري رهي آهي.
هيءَ اپليڪيشن جاگرافي ۽ جيولاجيءَ جي شاگردن لاءِ املهه تحفو آهي، هن لغت کي جاگرافيءَ جي مشهور استاد سائين رضوان گل سهيِڙيو آهي.
مهرباني ڪري هن لنڪ کي وڌ کان وڌ پکيڙيندا ته جيئن گھڻي کان گھڻا شاگرد لاڀ وٺي سگھن.
Add a comment...

Post has attachment

Post has attachment
ڪامرس ۽ بئنڪنگ جي لغت
هاڻي اينڊرائيڊ اپليڪيشن جي صورت ۾ سا به مفت

گوگل پلي تان ڊائون لوڊ ڪريو
Add a comment...
Wait while more posts are being loaded